ڀڳت ٽهليارام

ڀڳت ٽهليارام: ڀڳت ٽهليارام جو جنم خيرپور ميرس ۾ 1890ع ۾ ڀڳت ليلا رام جي گهر ۾ ٿيو. ڀڳت ٽهليارام ننڍپڻ ۾ گرو گرنٿ صاحب جي ٻاڻيءَ جو ڪافي اڀياس ڪيو. سندس گلي ۾ تاثير هوندو هو. عمر وڌڻ سان سندس آواز کلندو ويو. جڏهن سوز ڀريا ڪلام ڳائيندو هو ته ماڻهن جون دليون ڌوڏي ڇڏيندو هو. ڌنڌو ڌاڙي ڪندي به من ۾ ڌڻيءَ ۾ هوندو هوس. خيرپور ميرس ۾ ”مٺي سنگت“ برپا ڪيائين. جتي باقاعدي ست سنگ ڪندو هو. هو پنهنجي وقت جو وڏو ڀڳت هو. ڀڳت دوران کيس جيڪي پئسا ملندا هئا، سي غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو يا ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ خرچ ڪندو هو. خيرپور جي هڪ وڏي ”گئو شالا “ سنڀاليندو هو.
ڀڳت ٽهليارام ڪجهه سال خيرپور جي پنچائت جو پريزيڊنٽ به رهيو. روزانو پرڀات ويلي اٿي ڳائيندو هو. سندس اٺئي پهر ڪلتار سان لنؤ لڳل هوندي هئي. هن ڀڳت، ڀڳتيءَ ۽ دکين، دربدرن ۽ ڳئُن جي شيوا ڪندي وقت گذاريو.


لفظ ڀڳت ٽهليارامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو